جبر ۽ قدر

جبر ۽ قدر: علم ڪلام جو هڪ اصطلاح آهي، جيڪو انسان جي اختيارن جي حدن متعلق آهي. ’جبر‘ جو مطلب آهي، انساني فعلن کي خدا ڏانهن منسوب ڪرڻ ۽ ’قدر‘ جو مطلب آهي، انساني فعلن کي خود انسان سان نسبت ڏيڻ. مسلمانن جي هڪ فرقي ’جبريه‘ جو عقيدو آهي ته انسان جي هٿ وس ڪجهه ڪونهي. جيڪي واقعا، حادثا ۽ انساني عمل ٿين ٿا، سي سڀ الله جي طرفان آهن، اٽل آهن ۽ انهن کي ڪا به ’بشري طاقت‘ بدلائي نه ٿي سگهي. هن فرقي موجب آنهن جا عمل سندن تابع نه هوندا آهن. بلڪ رضا الاهيءَ جي اختيار ۾ هوندا آهن. ’جبريه‘ کي پنهنجي فعل ۾ ڪو به اختيار ڪونهي. جيتوڻيڪ هو بيجان شين وانگر ارادي ۽ اختيار کان بلڪل محروم آهي. ’قدريه‘ جو چوڻ آهي ته انسان پنهنجي فعلن ۾ آزاد ۽ خودمختيار آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو